بيت الحڪمت لائبرري

بيت الحڪمت لائبرري: سڪرنڊ شهر ۾ علم دوست، شخص مرحوم عبدالرحمان منگيي، هيءَ لائبرري 1980ع ۾ ذاتي شوق سان قائم ڪئي هئي. هن لائبرري ۾ عربي ۽ فارسيءَ جا سوين ۽ انگريزي، اردو ۽ سنڌيءَ جا هزارين ڪتاب آهن. فردوسيءَ جو شاهنامو ۽ ٻيا ڪيترائي قلمي نسخا به هن لائبرريءَ ۾ موجود آهن، جن ۾ ڏهه قلمي قرآن مجيد، تفسير جلالين، مدارڪ، تاريخ فرشته، فرائض الاسلام ۽ شرح اسماءُ الحسنيٰ قابل ذڪر آهن. عبدالرحمان منگيو صاحب 1980ع ڌاري وفات ڪري ويو ۽ هينئر سندس لائق فرزند محمد صديق منگيو لائبرريءَ جو نگران آهي. محمد صديق منگيو سنڌي ٻوليءَ جو نوجوان ڪهاڻيڪار ۽ محقق آهي، جنهن جا ڪهاڻين ۽ تحقيق تي ٽي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو